قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس اڄ طلب، ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي

اسلام آباد: قومي اقتصادي ڪونسل جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ صوبائي نمائندا شرڪت ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي قومي ترقياتي بجيٽ ۽ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ تقريبن 4 هزار ارب روپيه ۽ پي ايس ڊي پي جي مد ۾ هڪ هزار ارب روپيه رکڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ايندڙ مالي سال لاءِ 1000 ارب روپيه بي ايس ڊي پي رکڻ جي ۽ جي ڊي پي گروٿ 4.2 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني هئي.

ذريعن موجب سالياني پلان کي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي حدف ساڍا 7 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اقتصادي ڪونسل ساليانو پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي حدفن جي جائزي کان پوءِ تجويزن جي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس انهي کان اڳ 5 جون تي طلب ڪيو ويو هو.