راولپنڊي : چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جرنل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڀارت سان تازي تڪرار ۾، پاڪستان 96 ڪلاڪن تائين مڪمل طور تي پنهنجا وسيلا ڪتب آندا ، ڪٿي به ڪا مدد حاصل نه ڪئي، برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن سان هڪ انٽرويو دوران، جڏهن چين پاران پاڪستان جي مدد لاءِ سيٽلائيٽ جي پوزيشن تبديل ڪرڻ بابت پڇيو ويو، جنرل ساحر شمشاد چيو ته پاڪستان پاران استعمال ٿيندڙ سامان يقيني طور تي هندستان وانگر آهي.هن چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن کان ڪجهه سامان خريد ڪيو آهي، حقيقي وقت ۾ پاڪستان صرف اندروني صلاحيتن تي ڀروسو ڪيو.