اسلام آباد: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سرحد تي مقرر پنهنجي فوجين جو انگ گهٽائي رهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته ڀارت سان ڇڪتاڻ اڃا موجود آهي ۽ اسٽرٽيجڪ مس ڪيلڪوليشن جي خطري کي رد نٿو ڪري سگهجي، اسان 22 اپريل کان اڳ واري صورتحال ڏانهن واپس اچي رهيا آهيون، هن وقت ڪجهه به نه پيو ٿئي.
جنرل ساحر شمشاد مرزا وڌيڪ چيو ته تازو پاڪ-ڀارت تڪرار دوران ٻئي ملڪ ايٽمي هٿيارن جي استعمال طرف نه ويا، پر اها صورتحال انتهائي خطرناڪ هئي. ڪنهن به وقت اسٽرٽيجڪ مس ڪيلڪوليشن جو خدشو موجود آهي، ڇو ته ڇڪتاڻ اڃا تائين قائم آهي ۽ اهڙي ماحول ۾ ردعمل مختلف ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي صورتحال رڳو تڪراري علائقن تائين محدود نه رهندي، پر اها پوري ڀارت ۽ پاڪستان تائين پکڙي سگهي ٿي.
جنرل ساحر شمشاد مرزا جو چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت تازي ڇڪتاڻ ٻن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن وچ ۾ حدن کي گهٽائي ڇڏيو آهي، عالمي برادري لاءِ مداخلت جو وقت هاڻي تمام گهٽ بچيو آهي، اهي مسئلا رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ذريعي حل ٿي سگهن ٿا، اِهي مسئلا جنگي ميدان تي حل نٿا ڪري سگهجن ٿا.