لاهور : همايون سعيد نيٽ فلڪس سيريز دي ڪرائون ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن به مان پاڪستان جي نمائندگي ڪريان ٿو، ته مان پنهنجي دل مان 100 سيڪڙو ڏيان ٿو، پاڪستان جو مشهور سپر اسٽار همايون سعيد پنهنجي نئين فلم لو گرو سان عيد الاضحيٰ تي وڏي اسڪرين تي واپس اچي رهيو آهي، هڪ تازي ڳالهه ٻولهه ۾، هن بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جا پنهنجا تجربا شيئر ڪيا، خاص طور تي مشهور نيٽ فلڪس سيريز دي ڪرائون ۾ پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪندي، همايون سعيد چيو ته جڏهن ڪو فنڪار پاڪستان جي نمائندگي ڪري ٿو، ته اهو صرف هڪ ڪردار نه پر سڄي ملڪ جي عزت ۽ وقار جو معاملو آهي،هن چيو ته دي ڪرائون ۾ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو ۽ مون هن منصوبي ۾ پوري لگن ۽ پيشه ورانه صلاحيت سان حصو ورتو.