ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ڊگهي ٿرو سان ٽاپ تي آيس: ارشد نديم

اسلام آباد: جيولين ٿرو چيمپيئن ۽ اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ قوم کان دعا جي درخواست ڪئي آهي.ارشد نديم چيو ته هن ڊگهي ٿرو سان ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ٽاپ ڪيو آهي، فائنل سڀاڻي پاڪستاني وقت مطابق 1:10 وڳي آهي.هن چيو ته سڀني هميشه منهنجي لاءِ دعا ڪئي آهي، تنهن ڪري سڀاڻي به دعا ڪريو ته جيئن مان پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪري سگهان.ياد رهي ته ارشد نديم اڄ ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي.