لاهور: پاڪستان پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ بنگلاديش کي 37 رنسن سان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽي 20 ميچ ۾، پاڪستان حسن نواز ۽ شاداب خان جي جارحاڻي بيٽنگ جي ڪري مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.هدف جي تعاقب ۾، حسن علي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو، 5 وڪيٽون ورتيون ۽ آخري اوور ۾ مهمان ٽيم کي 164 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو.