9 مئي واقعا: لاهور ۾ سرڪاري ملڪيتن کي 10 ڪروڙ، 68 لک جو نقصان پهتو، رپورٽ عدالت ۾ پيش

لاهور: لاهور ۾ 9 مئي جي پرتشدد واقعن ۾ سرڪاري ملڪيتن کي پهتل نقصان جي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.

جي آءِ ٽي رپورٽ موجب ڪيمرائن ۽ سرڪاري گاڏين جي مد ۾ 10 ڪروڙ 68 لک 7 هزار 500 روپين جو نقصان ٿيو، لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز جون 21 گاڏيون تباهه ٿيون، گڏيل طور تي 8 ڪروڙ 22 لک 7 هزار 500 روپين جو نصان ٿيو.

جناح هائوس جي ڀرسان رينجرز جي گاڏي سميت 12 گاڏين ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ٽريفڪ سگنلز ۽ ٻئي سامان کي 53 لک 5 هزار جڏهن ته سيف سٽي جي ڪيمرائن کي هڪ ڪروڙ 41 لک 37 هزار 500 روپين جو نقصان ٿيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گرجا چوڪ ڪينٽ ۾ 25 لک 62 هزار 300 روپيه ۽ شير پائو پل جي ڀرسان 5 لک 10 هزار ماليت جي ڪيمرائن کي نقصان پهچايو ويو. لاهور، قطربه چوڪ، جيل روڊ، شاليمار چوڪ تي به 5 لک 18 هزار روپين جي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهتو.

68 lakhs damage to government properties in LahoreMay 9 incident: 10 crores