ٿرپارڪر، 7 ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ مور گرمي سبب فوت

ٿرپارڪر : ٿرپارڪر ۾ مورن جي موت جو سلسلو جاري آهي، گذريل 7 ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن.مقامي رهواسين موجب، ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گرمي پد 40 کان مٿي ٿي ويو آهي.ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر موجب، تحصيل مٺي جي ڳوٺن مان مورن جي موت جون رپورٽون مليون آهن.اعجاز ٽالپر چيو ته اڄ صبح مٺي جي ڳوٺ ڀيمسر ڏانهن هڪ ٽيم موڪلي وئي هئي پولٽري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب مور بيمار ٿين ٿا ۽ پوءِ مري وڃن ٿا.هن چيو ته گرمي مورن جي دماغ کي متاثر ڪري ٿي، جنهن جو علاج ڪري سگهجي ٿو.

Tharparkar