لاهور : اداڪار علي رحمان خان تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ذاتي زندگي جي ڏکوئيندڙ پهلوئن بابت ڳالهايو ۽ چيو ته ٽٽڻ ۽ رشتن جي ختم ٿيڻ سندس ذهني صحت تي گهرو اثر ڇڏيو آهي.هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي علي رحمان چيو ته جڏهن ڪو تعلق ختم ٿئي ٿو ته نه رڳو رومانوي رشتا پر دوستي جهڙا رشتا به ذهني دٻاءُ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته مان هڪ اهڙو شخص آهيان جيڪو رشتن ۾ مڪمل طور تي شامل ٿي ويندو آهي، مان انهن کي پنهنجي دل سان کڻندو آهيان، تنهن ڪري جڏهن ڪو تعلق ٽٽندو آهي ته مان اندر کان ٽٽي پوندو آهيان.علي وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪو تعلق ڪامياب نه ٿيندو آهي ته هميشه مرد تي الزام لڳايو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ڪا غلطي نه هجي، الزام اڃا تائين مرد تي لڳندو آهي. اهو مون سان ڪيترائي ڀيرا ٿيو ۽ ان سڀ ڪجهه منهنجي ذهن کي متاثر ڪيو. ياد رکڻ گهرجي ته تازو ئي علي رحمان خان ۽ فٽنيس ٽرينر نصرت هدايت الله جي دوستي ۽ مبينا رشتي جون خبرون خبرون هيون، پر ٻنهي ان تي ڪو به واضح موقف اختيار نه ڪيو.