بجلي 1.27 رپيا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 27 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) اپريل لاءِ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي صورت ۾ بجلي جي شرحن ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) 29 مئي تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ڪندي.درخواستگذار موجب اپريل ۾ 10 ارب 513 ملين يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته ساڳئي مهيني ۾ پاور ڪمپنين کي 10 ارب 196 ملين يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي.سي پي پي اي چيو ته في يونٽ بجلي جي قيمت 8.94 پئسا هئي جڏهن ته ريفرنس ڪاسٽ 7.68 رپيا هو. اپريل ۾، هائيڊرو مان 21.94 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 14.51 سيڪڙو، درآمد ٿيل ڪوئلي مان 10.02 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 0.97 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي موجب، اپريل ۾ مقامي گئس مان 8.01 سيڪڙو بجلي، درآمد ٿيل ايل اين جي مان 20.52 سيڪڙو، جڏهن ته 17.91 سيڪڙو بجلي ايٽمي ايندھن مان پيدا ڪئي وئي.