اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت سان جڏهن به ڳالهيون ٿينديون ته اهي ڪشمير ۽ پاڻي سميت 4 اهم نڪتن تي ٻڌل هونديون.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ ۾ ڪنهن جي سوڀ ٿيندي آهي ته ٻئي جي شڪست ٿيندي آهي، جنگ مسئلي جو مستقل حل ناهي، دير تائين امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته جنگ جي دوران اسرائيل ڀارت جي ڪافي مدد ڪئي. سري نگر ۽ ٻين هنڌن تي ڀارت اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا.
هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل ٺاهڻ جو فيصلو منهنجو هو، ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ مان نوزشريف سان صلاح مشورو ڪندو آهيان. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جڏهن به دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿيون ته ٻنهي ملڪن جا صلاحڪار ڪندا. ڀارت اڃان تائين ڪنهن ٽئي ملڪ ۾ ڳالهين جي لاءِ راضي نه ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڳالهين جي دوران پاڪستان طرفان چار اهم نڪتا شامل هوندا. ڀارت سان ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون. ٽنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو فيصلو بهتر ٿي سگهي ٿو، پر ڀارت ڪنهن به ٽئين ملڪ جي ڳالهين ۾ شرڪت تي راضي نه آهي.