چيني شاگرد جي مائيڪرو ڊرون جو نئون عالمي رڪارڊ

بيجنگ : هڪ چيني شاگرد جي مائڪروڊرون ڏکڻ چين ۾ گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جتي اهو تيز رفتارريل جيان هوا ۾ ڊوڙندو رهيو.”Prowess“ نالي هي مائڪروڊرون، جنهن جو وزن 250 گرام (8.8 اونس) کان به گهٽ آهي، 340.78 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (211.75 ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان اڏامي، ريموٽ ڪنٽرولڊ مائڪروڊرون ڪوائڊڪاپٽرن جي لاءِ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. هي رڪارڊ 23 مارچ تي ماڊل جهازن جي شوقين شو يانگ پاران چين جي گوانگ ڊونگ صوبي جي شهر هويزو ۾ ٽوڙيو ويو. گنيز ورلڊ رڪارڊس سومر ڏينهن پنهنجي وي چيٽ پوسٽ ۾ اهو ٻڌايو آهي.