غزه : غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.غزه جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته جڏهن کان اسرائيلي فوج هڪ طرفي طور تي غزه جنگ بندي معاهدي کي ٽوڙيو آهي، حملن ۾ تقريبن 3,000 فلسطيني شهيد ۽ 8,000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي طرف، اسرائيل حديده ۾ يمني بندرگاهه سلف تي پڻ بمباري ڪئي.