12 مئي سانحي کي 18 سال گذري ويا، ذميوارن کي اڄ تائين سزا نه ملي سگهي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٿيل 12 مئي سانحي کي 18 سال گذري ويا آهن، پر ذميوار اڄ به قانون جي گرفت کان  آزاد آهن.

12 مئي  سانحي جي ٻڌڻي هيٺ 7 ڪيسز مان هڪ ڪيس جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ جوابدارن کي بري ڪيو ويو جڏهن ته 5 ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.

12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ قتل ڪيل 50 کان وڌيڪ شهرين جا گهر ڀاتي اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. ياد رهي ته 12 مئي 2007 تي فائرنگ جا واقعا انهي وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي پهچڻ تي پيش آيا هئا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٻيهر کوليل 18 ڪيس استغاثه طرفان گواهه پيش نه ڪرڻ تي التوا جو شڪار آهن. اڳوڻي ڪراچي بار جي صدر محمودالحسن چيو آهي ته عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ ڪيترائي تشدد جا واقعا ٿيا پر ڪراچي جا منظر خوفناڪ هئا.

صدر ڪراچي بار عامر وڙائچ چيو آهي ته هن وقت  وڪيلن جي قيادت ۽ پارٽيون به هاڻ ڪيسز جي پيروي ۾ دلچسپي نٿيون رکن. عدالت چاهي ته گواهن کي پيش ٿيڻ جي لاءِ پابند ڪري سگهجي ٿو.

18 years have passed since May 12 tragedy