پي ايس يل جي باقي ميچن لاءِ 16-18 مئي جي تاريخن تي غور

لاهور : پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جي باقي ميچن جي شيڊول کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي باقي ميچن جي شيڊول جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، باقي ميچن لاءِ 16 کان 18 مئي جي تاريخن تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، پي ايس ايل انتظاميا سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري ڪري رهي آهي.دبئي ۾ گهڻا رانديگر پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس هليا ويا آهن، جڏهن ته، پرڏيهي رانديگرن کي ٽيمن جو حصو بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.