اسلام آباد: ن ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن وٽ اهو سنهري موقعو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي اهي ٽئي اهڙا معاملا آهن جيڪي گذريل 76 سالن کان انهي جي تاريخ آهي. انهن ٽنهي معاملن تي بحث ٿيڻ گهرجي، ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪري هڪ ٻئي اڳڀرائي ڪئي آهي، ٽرمپ چيو ته ڪشمير جو معاملو به بحث هيٺ اچڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار سڀني کان وڏو ملڪ آهي، اهو هڪ سنهري موقعو آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جو مسئلو حل ڪن، دهشتگردي گذريل 20 يا 30 سالن کان ٿي رهي آهي، سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي. هن چيو ته تقريبن سموريون جنگون ئي ڪشمير تي وڙهيون ويون آهن، هڪ ڏينهن اڳ واري جنگ به ڪشمير جو مسئلو هو، مودي خطي کي جهنم ۾ ڌڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج ڀارت جي سامهون ڄمي وئي، ڀارتي جارحيت جو سخت جواب ڏنو ويو.
خواجه آصف چيو ته ڀارت هن وقت پنهنجن زخمن تي مرهم پٽي ڪري رهيو آهي، ڀارتي پارليامينٽ ۾ انهن جي وزيراعظم کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، اها اسان جي ڊپلوميٽڪ فتح به آهي، اسرائيل کان ٻيو ڪوبه ملڪ هندستان سان گڏ بيٺل نه آهي، پاڪستان پنهنجي صبر ۽ فوجي طاقت کي مڃرايو آهي، پاڪستان کي گذريل 77 سالن ۾ ايتري وڏي ڪاميابي نه ملي آهي. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته هاڻ سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، خطي ۾ هاڻ غريب ماڻهن کي رهڻ جو حق ملڻ گهرجي.