لاھور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 کي اڻڄاتل مدت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان سپر ليگ جا باقي 8 ميچ ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پي ايس ايل کي ملتوي ڪيو ويو آهي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ميچ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو وزيراعظم جي صلاح تي ڪيو ويو، وزيراعظم جي راءِ ۾ موجوده حالتن ۾ سڄو ڌيان پاڪستاني فوج جي ڪوششن تي هجڻ گهرجي. پي سي بي موجب پاڪستان سپر ليگ 10 جي نئين شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.