اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيندي ڇنڇر تي فجر جو ڪاروايون شروع ڪيون آهن، جنهن ۾ ڀارت جي مختلف ايئر فيلڊز، هٿيارن جي ڊپوز ۽ تربيتي مرڪزن تي ميزئيل حملا ڪيا آهن. هندستان خلاف شروع ڪيل ‘آپريشن بُنيان المرصوص’ ۾ هندستان جي 10 کان مٿي فوجي ٺڪاڻڻ کي نشانو بڻايو ويو اهي. جن ۾ سورت ڳڙهه ايئرفيلڊ، اُڌم پور ايئر فيلڊ، سرسه ايئر فيلڊ، بٽنڊه ايئرفيلڊ، پٺاڻ ڪوٽ ايئر فيلڊ، بياس ۾ براهموس هٿيارن جي اسٽوريج سائيٽ، آدم پور ايئرفيلد تي جي ايف 17 ٿنڊر ذريعي سپر سانڪ ميزائيل سان حملو ڪري ايس 400 سسٽم جيڪو 1.5 ارب ڊالر جي ماليت جو هو، ان کي تباهه ڪيو آهي، ڪاجي ٽاپ ۾ ڀارت جو برگيڊ هيڊ ڪوارٽر تباهه ڪيو آهي، اخنور ايوي ايشن بيس، دهرانگياري آرٽلري گن پوزيشن، راجوڙي والاريل ڪشمي ۾ ڀارتي ملٽري انٽيليجنس تربيتي مرڪز کي به تباهه ڪيو آهي. اسحاق ڊار موجب ڀارت تي سائبر حملا ڪري 70 سيڪڙو بجلي سپلائي معطل ڪئي وئي آهي.