پاڪستان ۽ انڊيا مختلف مسئلن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي متفق ٿيا آهن:آمريڪي پرڏيهي وزير

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران نائب صدر وينس ۽ مون اعليٰ هندستاني ۽ پاڪستاني عملدارن سان رابطو ڪيو آهي، جن ۾ وزيراعظم نريندر مودي ۽ شهباز شريف،پرڏيهي وزير جئي شنڪر، آرمي چيف عاصم منير، ۽ قومي سلامتي صلاحڪار اجيت دوول ۽ عاصم ملڪ شامل آهن. مون کي خوشي آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جون حڪومتون فوري طور تي جنگ بندي تي متفق ٿي ويون آهن ۽ هڪ غير جانبدار جڳهه تي مختلف مسئلن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي متفق ٿي ويون آهن. اسان امن جو رستو چونڊڻ ۾ وزيراعظم مودي ۽ شريف جي دانشمندي، هوشياري ۽ سياست جي تعريف ڪريون ٿا.