روهت شرما جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ممبئي : ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان روهت شرما هاڻي ٽي 20 کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو آهي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ انسٽا اسٽوري شيئر ڪندي، ڀارتي ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو،هن لکيو سلام مان اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهيان. اڇي جرسي ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي،رانديگر وڌيڪ لکيو ته هو سالن کان مليل پيار ۽ مدد جو شڪرگذار آهي. هن چيو ته هو ون ڊي فارميٽ ۾ هندستان جي نمائندگي جاري رکندو.