واشنگٽن: آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته پاڪستان طرفان ڀارتي جهاز ڪيرائڻ جو قدم اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان وٽ ڀارت کي جواب ڏيڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
اخبار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جهڙيون 2 ايٽمي طاقتون پاڻ ۾ ڳالهيون نه ڪنديون ته صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.
ايڊيٽوريل ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته 1971ع کان پوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته ڀارت پنجاب ۾ حملو ڪيو جنهن کان پوءِ پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جا ڪيترائي ويڙهاڪ جهاز انهن جي حدن ۾ ڪيرائي ڇڏيا، اهو قدم پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ ڊيٽرنس جو چٽو اظهار آهي.
اخبار موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيرو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ زور ڏئي رهيو آهي ته ٻئي ملڪ ڳالهيون ۽ صبر جو رستو اختيار ڪن. اخبار مشورو ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي فتح جي دعويٰ ڪري بحران مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ گهرجي جڏهن ته چين جهڙا دوست ملڪ پاڪستان کي سفارتي بيان جوڙڻ ۾ مدد فراهم ڪن.
ايڊيٽوريل ۾ اها به تجويز ڏني وئي آهي ته ڀارت پهلگام حملي کان پوءِ معطل ڪيل سنڌ طاس معاهدو بحال ڪري سگهي ٿو ۽ جواب ۾ پاڪستان به مثبت قدم کڻي سگهي ٿو. انهي سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن کي سفارتي ۽ عسڪري بيڪ چينل رابطا ٻيهر بحال ڪرڻ گهرجن.