عالمي قانون جي تحت پاڪستان کي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خودمختاري خلاف چڙ ڏياريندڙ قدم کنيا آهن انهي ڪري عالمي قانون جي تحت پاڪستان کي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي.

ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اهو ٻطرفو نه پر عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ تڪرار جي حل لاءِ مداخلت ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته ڀارت کي اهڙن قدمن جي لاءِ جوابده ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڀارت هوش کان ڪم وٺي. اڻڌري جاچ سان اسان اهڙو مڪينزم ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو مستقبل ۾ اهڙن دهشتگرد حملن کي روڪي سگهي.

ٻئي طرف عرب ميڊيا کي انٽرويو ۾ پ پ چيئرمين اهو به چيو ته عالمي قانون جي تحت پاڪستان کي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي، ڀارت پاڪستان جي خودمختاري جي خلاف چڙ ڏياريندڙ قدم کنيا آهن. ڀارت پاڪستاني شهرين جي قتل عام کي لڪائڻ جي لاءِ دهشتگرد ڪيمپن جو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.

هن سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪيمپون آهن ته ڀارت عالمي جاچ جي پاڪستاني مطالبي کي ڇو رد ڪيو؟ ڀارت شهري آبادي، شهري ٺڪاڻن ۽ ڊيمن کي نشانو بنايو.

ياد رهي ته اڱاري ۽ اربع جي رات دير سان ڀارتي فوج بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد ۽ باغ کان علاوه مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بنايو جنهن ۾ 2 مسجدون شهيد ٿيون جڏهن ته  حملن ۾ ٻن ٻارن سميت 31 پاڪستاني شهيد ۽ 51 زخمي ٿيا.