پي ايس ايل 10 شيڊول مطابق جاري رهندو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 شيڊول مطابق جاري رهندي.ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ ميچ اڄ شيڊول مطابق راولپنڊي ۾ ٿيندو.پي سي بي چيو ته ميچ جو ٽاس شام 7:30 وڳي ٿيندو ۽ ميچ رات 8 وڳي شروع ٿيندو.ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل 10 جي باقي ميچن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.پي ايس ايل 10 جو فائنل 18 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.