ڀارتي حملن ۾ 26 شهري شهيد 46 زخمي، جوابي ڪارروائيون جاري

راولپنڊي: ڀارت پاڪستان ۾ 6 هنڌن تي ميزائل فائر ڪيا آهن، جن ۾ شهري آبادي ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو ويو آهي، ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ڊي جي آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڄ صبح پوڻي ڏهين وڳي اپڊيٽ ڏيندي ٻڌايو ته ڀارت جي بزدلاڻن حملن ۾ 26 پاڪستاني شهيد ۽ 46 زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته ڀارت جي 3 جديد فرانسيسي رفال جنگي جهازن سميت 5 جهاز، هڪ ڪامبيٽ ڊرون ۽ ڪيترائي ڪواڊڪاپٽر ڪيرايا آهن. پاڪستان ڀارت جي هوائي حدن ۾ داخل ناهي ٿيو، پنهنجي هوائي حدن ۾ رهي جوابي ڪاروايون ڪيون آهن، جنهن وقت ڀارت حملوڪيو ان وقت 57 انٽرنيشنل ايئرلائينز جا جهاز پاڪستاني ايئر اسپيس ۾ موجود هئا. هي ڀارت جو انتهائي غير ذميواراڻي ڪاروائي آهي. هن ٻڌايو ته ڀارت نيلم جهلم هائيڊرو پروجيڪٽ تي به حملو ڪيو ۽ نقصان پهچايو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بزدل ڀارت اڄ رات هڪ وڳي جي لڳ ڀڳ پاڪستان تي بنا سبب حملا ڪيا.  ڀارت طرفان پاڪستان ۾ 6 هنڌن تي 24 حملا ڪيا ويا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه ۾ حملن ۾ 13 عام شهري شهيد ٿيا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهي.هن چيو ته لاهور لڳ مريدڪي ۾ هڪ مسجد تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 3 شهري شهيد ٿيا، مظفر آباد ۾ مسجد بلال کي نشانو بڻايو ويو، هڪ ڇوڪري زخمي ٿي، مسجد کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪوٽلي ۾ مسجد عباس کي نشانو بڻايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪوٽلي لوهاران ۾ هڪ شيل ڪريو آهي، ۽ شڪر ڳڙهه ۾ هڪ ڊسپينسري کي به نقصان پهتو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج دشمن جي بي بنياد حملي جو مناسب جواب ڏئي رهي آهي، اڄ اسان ميڊيا کي انهن هنڌن تي وٺي وينداسين ته جيئن سڄي دنيا ڀارت جي ننگي جارحيت ڏسي سگهي.

26 civilians martyred in Indian attacks46 injured