جرمني : يورپي يونين چين جي مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي وڏو جرمانو لاڳو ڪيو آهي.بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، يورپي يونين يورپي استعمال ڪندڙن جي ذاتي ڊيٽا کي چين منتقل ڪرڻ تي ٽڪ ٽاڪ تي 530 ملين يورو (600 ملين ڊالر) جو وڏو جرمانو لاڳو ڪيو آهي.ان حوالي سان، آئرش ڊيٽا پروٽيڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران، ڪمپني وضاحت نه ڪري سگهي ته ڪهڙن قانونن تحت ڊيٽا چين منتقل ڪيو ويو ۽ اهو قدم يورپي يونين جي قانونن جي خلاف آهي. يورپي يونين جي قانونن، ‘جنرل ڊيٽا پروٽيڪشن ريگيوليشن’ جي تحت، يورپي استعمال ڪندڙن جو ڊيٽا صرف بلاڪ کان ٻاهر منتقل ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن ٻئي پاسي ساڳئي سطح جا سيڪيورٽي قدم موجود هجن. آئرش ڊيٽا پروٽيڪشن ڪميشن ٽڪ ٽاڪ کي چيو آهي ته جرمانو ادا ڪري ۽ پنهنجي ڊيٽا ٽرانسفر ضابطن کي 6 مهينن اندر يورپي يونين جي قانونن جي مطابق آڻي.هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته آئرلينڊ جو ڊيٽا پروٽيڪشن ڪميشن يورپ جي 27 ملڪن ۾ ٽڪ ٽاڪ جي يورپي استعمال ڪندڙن لاءِ ڊيٽا پرائيويسي ريگيوليٽر طور ڪم ڪري ٿو.