مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب

ڪراچي : اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. اعلان موجب، اجلاس ۾ وياج جي شرح جو تعين ڪيو ويندو.اسٽيٽ بينڪ جي پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 12 سيڪڙو مقرر ڪئي آهي، ۽ وياج جي شرح هڪ سال ۾ 10 سيڪڙو گهٽجي چڪي آهي.مالي ادارن شرح ۾ گهٽتائي جو اشارو ڏنو آهي. ماهرن موجب، اسٽيٽ بينڪ ڊسمبر 2025 تائين شرح سود ۾ وڌيڪ 200 بيسز پوائنٽس گهٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.مالي ادارن پاران هڪ وڏي سروي دوران، 69 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن شرح سود ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 بيسز پوائنٽس گهٽتائي جو اشارو ڏنو.30 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن چيو ته شرح سود 100 بيسز پوائنٽس گهٽجي ويندي، جڏهن ته هڪ سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته شرح سود 150 بيسز پوائنٽس گهٽجي ويندي.سروي ۾ شرڪت ڪندڙن اڳڪٿي ڪئي ته پاليسي جي شرح ڊسمبر 2025 تائين 9 کان 8 سيڪڙو هوندي.