اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان تيار آهيون ڀارت ڪنهن به قسم جي اڳرائي ته انهي جو سختي سان جواب ڏينداسين.
هن چيو ته موسمياتي تبديلي هن وقت سڀني کان وڏو چيلينج آهي، پاڪستان 2022 ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته اسان پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن ڪيو جيڪو عالمي دهشتگردي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ڪيترين ئي ڀارتي رياستن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن. پاڪستان خطي ۾ امن جو حمايتي رهيو آهي. هميشه جارحيت جي خلاف آواز اٿاري. والاريل ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي قراردادن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون ويون پر خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته امن، خوشحالي اسان سڀني جو گڏيل حدف هجڻ گهرجي، دنيا هن وقت مشڪل دور مان گذري رهي آهي. ڪشمير مسئلو ۽ فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ضروري آهي ڇو ته انهي جي ڪري دنيا جي امن کي سنگين خطرا آهن، گڏيل قومون والاريل علائقن بابت واضح قراردادون منظور ڪري چڪيون آهن
هن چيو ته پهلگام واقعي جو مقصد ڀارت ۾ جاري تحريڪن تان ڌيان هٽائڻ آهي ۽ ڀارتي قدم خطي ۾ امن جي لاءِ خطرو آهن. ڀارت پاڪستان تي هڪ طرفه ۽ بي بنياد الزام لڳايا.
نائب وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهي عملدرآمد به ڪيو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ جو مجاز نه آهي اسان پنهنجي حصي جو هڪ ڦڙو پاڻي به نه ڇڏينداسين سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ 10 منٽن ۾ جاچ ٿي وئي ۽ پاڪستان تي الزام لڳايو ويو. ڀارت دنيا کي بيوقوف نه بنائي پاڪستان جو چٽو موقف آهي ته اسان جي زمين دهشتگردي جي لاءِ ڪڏهن به استعمال نه ٿيندي پر ڀارت خطي کي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي فضائيه اڳرائي جي ڪوشش ڪئي اسان کين ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اسان تيار آهيون ڀارت ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين. عالمي اڳواڻن پاڪستان کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ اڳرائي نه ڪندو. پر جارحيت مڙهي وئي ته پوري قومي عزم ۽ طاقت سان جواب ڏينداسين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت اسان جي پاليسي آهي.