خانگي ڪمپنين جا ملازم هاڻي ٽيڪس هيرا ڦيري نه ڪري سگهندا، بل منظور

لاهور : پنجاب اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ”دي پنجاب فنانس ترميمي بل 2025ع“ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت هاڻي خانگي ڪمپنين جي اڪائونٽس آفيسرن کي ملازمن جي پگهارن مان ٽيڪس ڪٽوتي جو اختيار حاصل هوندو.
اها منظوري ايڪسائز بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڏني وئي، جيڪو چيئرمين آغا علي حيدر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايڪسائز، قانون ۽ ناڻي کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
بل جي منظوري سان خانگي شعبي ۾ ملازمن کان ٽيڪس اوڳاڙي کي اثرائتو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
اختيار ملڻ کانپوءِ نجي ادارن جا ملازم ٽيڪس ۾ هيراڦيري نه ڪري سگهندا، جڏهن ته ڪمپنيون پاڻ ملازمن جي پگهارن مان لاڳو ٽيڪس ڪٽي حڪومت وٽ جمع ڪرائينديون.
هاڻي اهو بل پنجاب اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

Employees of private companies will no longer be able to divert tax diamonds