ممبئي:بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا جيڪولين فرنانڊس جي ماءُ ڪِم فرنانڊس لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جي ماءُ ڇنڇر جي رات ممبئي جي ليلاوتي اسپتال ۾ دم ڏنو، کيس 24 مارچ تي دل جو دورو پيو هو، جنهن کانپوءِ هوءَ اسپتال ۾ داخل هئي.
جيڪولين آخري ڏينهن ۾ ماءُ سان گڏ هئي، هن ماءُ جي بيماري سبب آءِ پي ايل جي افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ کان به معذرت ڪئي هئي