ڪراچي : پاڪستاني اداڪاره مديحا امام انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران چماٽ لڳڻ سبب سندس ٻڌڻ جي سگهه متاثر ٿي.
عيد جي موقعي تي نجي ٽي وي شو دوران اداڪارا انڪشاف ڪيو، جنهن جي تصديق ساٿي اداڪار فيصل قريشي پڻ ڪئي.
مديحه امام چيو ته هوءَ هڪ ڪن کان گهٽ ٻُڌندي آهي، جنهن تي فيصل قريشي چيو ته ”مان ڄاڻان ٿو ۽ اِهو سچ آهي، مديحا سان اِهو واقعو هڪ سيٽ تي پيش آيو هو.“
اداڪارا واضح ڪيو ته ”مان مڪمل طور تي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم نه آهيان پر مون سان ڳالهائڻ وقت اوهان کي ٿورو آواز بلند ڪرڻو پوندو.“
مديحا چيو ته هڪ سيٽ تي شوٽنگ دوران ساٿي اداڪار کيس چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جو اثر سندس ڪن تي پيو ۽ هاڻي هوءَ هڪ ڪن کان گهٽ ٻڌي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن کي لڳي ٿو ته اداڪاري انتهائي سولو ۽ سڪون وارو ڪم آهي ته اِها سندن ڀُل آهي، هي ڏاڍي ڏُکي فيلڊ آهي.
ان موقعي تي ميزبان اداڪارا کان پڇيو ته جنهن چماٽ هنئي هئي ڇا ان کي معاف ڪيو؟ ڇو ته اِها هڪ غلطي هئي، جنهن تي مديحا چيو ته ظاهر آهي ائين ڄاڻي واڻي ڪير ڪندو، هن کان غلطي ٿي ويئي هئي.
فيصل قريشي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”مان ڪجهه عرصو اڳ اداڪارا صبا قمر هٿان زوردار چماٽ کائي چڪو آهيان، حقيقت ۾ اوهان ڇوڪريءَ هٿان چماٽ کائي سگهو ٿا پر مردن جو هٿ ڳرو هوندو آهي، تنهنڪري مرد عورت اداڪارئن کي چماٽ نٿا سگهن پر ڏيکاريو ائين ويندو آهي ته چماٽ هنئي وئي آهي.