اسپيس ايڪس جي اسٽار شپ فلائيٽ 9 ناڪام

لنڊن : اسپيس ايڪس جي اسٽار شپ فلائيٽ 9 ناڪام ٿي وئي، پرواز جي 30 منٽن ۾ ڪريش ٿي وئي.ايلون مسڪ جي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جي نائين تجرباتي پرواز، اسٽار شپ فلائيٽ 9، پرواز جي 30 منٽن ۾ ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو ۽ ٻيهر داخل ٿيڻ تي ڪريش ٿي وئي.اسپيس ايڪس جي مطابق، راڪيٽ ۾ ايندھن جي ليڪ ٿيڻ سبب راڪيٽ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ غير متوقع حادثي جو شڪار ٿيو.راڪيٽ 403 فوٽ ڊگهو هو ۽ سڀني پوئين آزمائشي پروازن کان وڌيڪ فاصلي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر اهو خلا مان واپسي تي ڌماڪو ٿيو.ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو هڪ تجرباتي مشن هو ۽ اهڙيون ناڪاميون اسان کي سکڻ جو موقعو ڏين ٿيون، اسان جو مقصد انسانن کي مريخ تي وٺي وڃڻ آهي.