بيجنگ: چين پنهنجي نون ‘روبوٽ وولفز’ کي انسان-ڊرون گڏيل مشق ۾ شامل ڪري ترقي جو نئون مرحلو حاصل ڪيو آهي. 3 سيپٽمبر تي فوجي پريڊ ۾ نمائش لاءِ رکيل چيني روبوٽڪ بگهڙ خاص ڌيان جو مرڪز هئا. هن چار پيرن واري روبوٽ پهريون ڀيرو چائنيز پيپلز لبريشن آرمي (PLA) جي ڊرل ۾ عوام آڏو پيش ٿيو آهي. چين جي سرڪاري ميڊيا CCTV جي رپورٽ مطابق، اهي روبوٽ اڳوڻن روبوٽ ڪتن کان وڌيڪ اپ گريڊ ٿيل آهن ۽ جنگ ۾ خطري وارن حالتن ۾ انساني سپاهين کي مٽائي سگهن ٿا، جنهن سان جاني نقصان گهٽجي سگهي ٿو. هي جاسوسي، جنگي سامان فراهم ڪرڻ، زخمين کي کڻڻ ۽ ٽارگيٽ کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو.
تربيتي سرگرميون
مشقن ۾ ٽارگيٽ تي صحيح حملا، جاسوسي، ۽ گڏيل اڳڀرائي شامل هئي، جنهن کي روبوٽ وولفز ۽ فضائي ڊرونز جي مدد سان پٿريلي علائقي ۾ ڪيو ويو. CCTV جي نشر ڪيل فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو ته سپاهي QBZ-191 رائفلز ۽ پورٽ ايبل راڪيٽ لانچرز کڻي هڪ منظم قطار ۾ روبوٽ وولفن سان گڏ هلن پيا، جيڪي ساڳيا هٿيار کڻي رهيا هئا۔ شيئر ڪيل وڊيو ۾، روبوٽ وولف جي نئين ورزن جي پٺ تي به رائفلون لڳل هيون. اهي روبوٽ هلندا، چڙهندا ۽ پيادل فوجين سان گڏ ساڳي رفتار ۾ اڳتي وڌندا رهيا، بلڪل هڪ منظم زميني اڳڀرائي وانگر. زميني روبوٽن جي چوڌاري FPV ڊرونز اڏامندا رهيا، جيڪي ريموٽ سان سپاهي هلائي رهيا هئا، جن جاسوسي ڪئي ۽ مشقي خودڪش حملا به ڪيا. “هي مشق منهنجي لاءِ پهريون دفعو آهي جو مون روبوٽ وولف کي حڪم ڏنو ۽ هلائڻو پيو،” برگيڊ جو هڪ ميمبر هو ٽي چيو. هن وڌيڪ چيو: “اسان جون بنيادي سطح جون ڪمپنيون ڪوشش ڪن ٿيون ته نئين شامل ڪيل بغير انسان واري سامان کي بهتر طريقي سان استعمال ڪجي ۽ ان کي انسانن سان گڏ ضم ڪجي۔”
هڪ مختصر تاريخ
روبوٽ وولف پهريون ڀيرو دنيا آڏو اِيئرشو چائنا 2024 ۾ پيش ڪيا ويا هئا؛ انهن جو وزن 154 پائونڊ (70 ڪلوگرام) آهي ۽ انهن کي چائنا سائوٿ انڊسٽريز گروپ ڪارپوريشن ٺاهيو آهي۔ اهي گهڻ مقصدي سرگرمين لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ هٿياربند حملا، نگراني، ٽرانسپورٽ ۽ سهائتا۔ روبوٽ وولفز وٽ پيچيده علائقن ۾ تيز حرڪت ۽ موافقت جي صلاحيت آهي۔ اهي انساني سپاهين سان گڏ آپريٽ ڪري سگهن ٿا، ڏاڪڻيون چڙهي سگهن ٿا ۽ اونچائي واريون رڪاوٽون پار ڪري سگهن ٿا. اهي روبوٽ انسانن سان گڏ نيٽ ورڪ فارميشن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ شهري علائقن، ميداني علائقن ۽ جبلن ۾ جنگي ڪاررواين کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهن ٿا.ک