عالمي بينڪ پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ڏيندو

اسلام آباد : ورلڊ بينڪ هلندڙ مالي سال ۾ مختلف منصوبن لاءِ پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض فراهم ڪندو.اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ کان قرض انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ۽ انٽرنيشنل بينڪ فار ريڪنسٽرڪشن ذريعي فراهم ڪيو ويندو.هڪ سرڪاري دستاويز موجب، ورلڊ بينڪ فنڊنگ ذريعي پاڪستان ۾ 57 مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، انهن منصوبن جي ڪل قيمت 16.6 ارب ڊالر آهي، اهي منصوبا زراعت، پاڻي، توانائي، فنانس، آمدني سان لاڳاپيل آهن.اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو چوڻ آهي ته جن منصوبن لاءِ ورلڊ بينڪ قرض فراهم ڪندو انهن ۾ مواصلات، ڳوٺاڻي ۽ شهري ترقي، انساني سرمايو، سماجي خدمت ۽ گورننس جا منصوبا شامل آهن.دستاويز موجب، ورلڊ بينڪ گذريل 7 سالن ۾ 11.84 ارب ڊالر فراهم ڪيا آهن، سڀ کان وڌيڪ رقم 1.96 ارب ڊالر توانائي جي شعبي کي ڏني وئي، ايندڙ سالن ۾ مختلف منصوبن لاءِ وڌيڪ فنڊ ڏنا ويندا.سرڪاري دستاويزن موجب، گذريل مالي سال ۾ 1.8 ارب ڊالر جو قرض فراهم ڪيو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ عالمي بينڪ طرفان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو قرض فراهم ڪيو ويندو.