اسان کي پنهنجن ماڻهن کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي: فيصل قريشي

ڪراچي: فواد خان ۽ هانيا عامر جي تنقيد جي حوالي سان فيصل قريشي جواب ۾ چيو آهي ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي.هڪ تازي انٽرويو ۾، مشهور اداڪار فيصل قريشي فواد خان ۽ هانيا عامر جي تنقيد تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن اتحاد ۽ رواداري جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته فنڪار اڳ ئي دٻاءُ ۾ آهن، انهن کي وڌيڪ نشانو نه بڻايو وڃي.هن پنهنجي ايندڙ فلم ديمڪ جي پروموشن دوران ڳالهايو.فيصل قريشي چيو ته ڪنهن ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪنهن نه ڪيو ۽ ڪير دير سان ڳالهايو. اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي، اسان اتحاد جي ڳالهه ڪريون ٿا، پوءِ اسان ٻين کان زور سان ڳالهائڻ جي اميد ڇو رکون؟ مان پنهنجو ڪردار ادا ڪندس. هن خاص طور تي فواد خان ۽ هانيا عامر جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته، “مون کي انهن تي ڪيل تنقيد بلڪل به پسند نه آئي. ها، اهو تسليم ڪريون ٿا ته فواد خان پهلگام بابت ٽوئيٽ ڪيو، پر هو پنهنجي فلم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن تي هو 6 مهينن کان ڪم ڪري رهيو هو. آخرڪار هن ڳالهايو. هانيا پڻ ٽوئيٽ ڪيو، ۽ ماهرا شروع کان ئي پنهنجو آواز بلند ڪري رهي آهي.