اسلام آباد: حڪومت بجلي جي اوور بلنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
قومي اسيمبلي جي توانائي(پاور) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميمبر رانا محمد حيات سوال اٿاريو ته ڇا ايندڙ مالي سال ۾ بجلي ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي؟ جنهن تي چيئرمين نيپرا جواب ڏنو ته في الحال بجلي جي قيمت ساڳئي رهڻ جو امڪان آهي.
راڻا محمد حيات چيو ته صنعتي شعبي کي 30 سيڪڙو رليف ڏنو ويو آهي جڏهن ته زرعي شعبي کي ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو جنهن تي پاور ڊويزن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته صنعتي شعبي کي رليف ڪراس سسٽم ختم ڪرڻ سبب حاصل ٿيو. بجلي جي شعبي لاءِ گڏيل منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. اجلاس دوران راجا قمرالاسلام چيو ته اجلاس پاور ڪميٽي جو آهي پر مون کي پيٽروليم ڊويزن جا منٽس مليا آهن.
جنيد اڪبر چيو ته مون 4 مهينا اڳ اڇ ڪئي هئي ته مان ڪنڊا لهرائڻ جي لاءِ پاڻ ويندس، اسان تعاون ڪندا آهيون پر هنن جا لائن لاسز گهٽ نه ٿي رهيا آهن جڏهن ته صارف کي اٺ اٺ ڪلاڪ بجلي نٿي ملي. ڪم هي نٿا ڪن گاريون اسان کائيندا آهيون. سي اي او پيسڪو ڪميٽي ۾ چيو ته هنن جي علائقي مان هن جي تعاون سان تمام گهڻي بهتري آئي آهي. ايندڙ مهيني وڌيڪ بهتري ايندي.
وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته رليف ماهوار بنياد تي ڏنو وڃي. لاڳاپيل ايس ڊي او جي ڊيوٽي لڳايو ۽ رليف ماهوار بنيادن تي فراهم ڪريو سبسڊي جي اصل حقدارن کي رليف ڏئي رهيا آهيون. اويس لغاري انهي موقعي تي ٻڌايو ته 100 يونٽ تائين استعمال ڪندڙن جي لاءِ 56 سيڪڙو بجلي سستي ڪئي آهي. 100 کان 200 تائين يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ 48 سيڪڙو بجلي سستي ڪئي وئي.
هن ٻڌايو ته اوور بلنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جلد اسڪيم جو اعلان ڪندو. صارفين کي پنهنجي بلنگ جو اختيار ڏئي رهيا آهيون ۽ انهي سلسلي ۾”پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ“ جي نالي سان اسڪيم جو اعلان ڪنداسين صارفين پنهنجي موبائل تان ميٽر جي ريڊنگ ڪري ايپ تي اماڻي سگهندا.
بجلي بابت وفاقي وزير چيو ته سبسڊي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي صارفين سان جوڙي رهيا آهيون حڪومت جو بجلي جي سليبز کي تبديل ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊيٽا صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. آءِ پي پي جا معاهدا ختم ڪري عوام کي 3400 ارب روپين جو فائدو ڏنو. بجلي سستي ڪرڻ جو سفر شروع ڪري چڪا آهيون.