پيرس : تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پاڪ فضائيا هٿان فرانس جي جديد جهازن رافيل جي تباهي تي فرانسيسي فوج جي ترجمان جو ردعمل سامهون اچي ويو.
پيرس ۾ معمول جي پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي سوال تي جواب ڏيندي فرانسيسي فوج جي ترجمان چيو ته واقعي جا تفصيل اڃا غير يقيني آهن ۽ ڪيترن ئي پهلوئن جي تصديق ٿيڻي آهي.
هن چيو ته رافيل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان فرانس صورتحال کي غور سان ڏسي رهيو آهي ۽ پنهنجي ڀائيوار ڀارت سان سڌي ريت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ آهي.
ترجمان چيو ته رپورٽن موجب ان ويڙهه ۾ سوين جهازن حصو ورتو، فرانس ان ويڙهه جي تجربي مان وڌ کان وڌ سکڻ جو خواهشمند آهي، جيڪڏهن رافيل ڪيرائڻ جو رپورٽون درست ثابت ٿيون ته اهو ان جهاز جي ٻن ڏهاڪن جي آپريشنل سروس دوران پهريون واقعو هوندو.