ڪوهاٽ: ٽانڊه ڊيم ويجهو فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

ڪوهاٽ : ڪوهاٽ ۾ ٽانڊا ڊيم تفريحي علائقي جي ويجهو فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعي جو سبب معلوم ناهي ۽ جاچ جاري آهي.رپورٽن موجب ڪوهاٽ جي تفريحي هنڌ ٽانڊه ڊيم تي فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه پوليس آفيسر غلام مصطفيٰ ۽ زاهد الرحمان مارجي ويا، ڊي پي او ڊاڪٽر زاهد موجب پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ ڏانهن موڪلي وئي آهي.پوليس موجب، واقعي جو سبب معلوم ناهي ٿيو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا آهن، ۽ جاچ جاري آهي.ان دوران، گهرو وزير محسن نقوي پوليس اهلڪارن جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان شهيد پوليس آفيسرن غلام مصطفيٰ ۽ زاهد الرحمان جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا.گهرو وزير شهيد پوليس آفيسرن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس آفيسر غلام مصطفيٰ ۽ زاهد الرحمان شهادت جو عظيم درجو حاصل ڪيو، خيبرپختونخوا پوليس جي پٽن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون.