پهرين آڊيشن ۾ رد ٿيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي: فاطمه آفندي

ڪراچي : پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا فاطمه آفندي انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن کيس اداڪاري جو موقعو مليو ته پهرين آڊيشن ۾ ئي رد ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.فاطمه آفندي تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي مارننگ شو ۾ مهمان طور نظر آئي، جتي هن پنهنجي پهرين آڊيشن بابت هڪ دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي. هن چيو ته مون کي اداڪاري ۾ بلڪل به دلچسپي نه هئي، پر منهنجي ماءُ چاهيندي هئي ته مان شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪريان ڇاڪاڻ ته مان تمام گهڻو شرميلو هوس، تنهن ڪري منهنجي ماءُ چاهيندي هئي ته مان پنهنجي شخصيت ۾ ڪجهه اعتماد حاصل ڪريان.اداڪارا چيو ته مون کي پهريون ڀيرو هڪ ببل گم جي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مان اداڪاره نه ٿيڻ چاهيان ٿي، تنهن ڪري مون پهرين آڊيشن ۾ رد ٿيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.هن چيو ته جڏهن مان پنهنجي ڀيڻ سان آڊيشن ۾ ويندي هيس ته مون پنهنجن وارن ۾ گهڻو تيل لڳايو ته جيئن مون کي رد ڪيو وڃي.فاطمه آفندي اهو به چيو ته منهنجون سڀ ڪوششون ناڪام ويون ۽ مون کي هڪ اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ڇاڪاڻ ته ڊائريڪٽر جيڪو منظر مون ۽ منهنجي ڀيڻ کي شوٽ ڪرڻ چاهيندو هو، اسان اهو آڊيشن دوران صرف هڪ ٽيڪ ۾ ڪيو هو.