ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت

پشاور: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو  سلسلو جاري آهي  برسات دوران مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ملڪ جي مختلف شهرن برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرڪ ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻار جڏهن ته آزاد ڪشمير جي وادي گريس ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

بلوچستان ۾ ڪوڙڪ ٽاپ، شيلا باغ، قلعه عبدالله، پشين ۽ زيارت ۾ برسات ۽ برفباري پئي، برسات سبب بلوچستان ۾ بجلي ۽ مواصلات جو نظام به سخت متاثر ٿي ويو.

انهي کان علاوه بهکر، جهلم، ميانوالي، گوجرانواله، بهيره، ڪوٽ ادو، خوشاب، سرگودها سميت ٻين شهرن ۾ به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو  سلسلو جاري آهي.