اسلام آباد: بجلي جي بلن ۾ 21 ارب روپين جي اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن کي بنا سزا جي ڇڏڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو، چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جنيد اڪبر ناڻي واري وزارت جي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاور سيڪٽر جي ٽاپ 300 ڊفالٽرن جي فهرست طلب ڪري ورتي.
ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو ته 9 بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون ڊيفالٽر کان سوين ارب روپين جي ريڪوري نه ڪري سگهي، ڊيفالٽرز کان 877 ارب جي ريڪوري نه ڪرڻ بابت آڊٽ اعتراض غور هيٺ آندو ويو.
اجلاس ۾ بجلي جي بلن ۾ 21 ارب روپين جي اووربلنگ ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن کي بنا سزا جي ڇڏڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي. چيئرمين ڪميٽي جنيد اڪبر هدايت ڪئي ته مهينا اسان کي ٻڌايا وڃن ته ريڪوري ڪيتري ٿي آهي. اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪيترن آفيسرن جي خلاف ايڪشن ورتو ويو.