اتر وزيرستان مان ماڙي انرجيز کي تيل ۽ گيس جا ذخيرا هٿ

اسلام آباد: او جي ڊي سي ايل اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪليل معلومات ۾ ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان ۾ اسپنوام 1 ۾ هڪ کوهه جي کوٽائي دوران تيل ۽ گيس جا ذخيرا هٿ آيا آهن. جوائنٽ وينچر هيٺ ٿيل ڊرلنگ ۾ هي ذخيرا مليا آهن. پڌرائي موجب جوائنٽ وينچر ۾ ماڙي انرجيز جو حصو 55 سيڪڙو، او جي ڊي سي ايل جو 35 سيڪڙو ۽ اورينٽ پيٽروليم جو 10 سيڪڙو حصو آهي. 4400 ميٽر جي گهرائي تي هي ذخيرا مليا. دريافت ٿيل فيلڊ مان شروعاتي طور تي روزانو 20 بيرل خام تيل پيدا ٿيندو. ماڙي انرجي پاران وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته شروعاتي طور تي روزانو 1 ڪروڙ 29 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس حاصل ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.