پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري هلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري ماڻهن کان پوليو مهم بابت ڄاڻ ورتي ۽ گھرن تي لڳل نمبر ۽ ٻارن جا فنگر مارڪ چيڪ ڪيا.ان موقعي تي چيف سيڪريٽري کي سچل ڳوٺ ۾ ھڪ پوليس ملازم جي گھر مان 11 ٻارن کي پوليو ڦڙا پيئارڻ کان انڪار بابت ورڪرن پاران آگاهي ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ اڄ ئي سڀني ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جي ھدايت ڪندي چيو پوليس اهلڪار جا تفصيل طلب ڪيا. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پوليس ملازم جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته پوليس اھلڪار ٻارڙن کي ڦڙا نه پيئاريا ته کيس معطل ڪيو ويندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ڊي ايڇ او انڪاري والدين کي پوليو ڦڙا پيئارڻ تي راضي ڪن، ڦڙا پيئارڻ کان بار بار انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آصف حيدر شاهه چيو ته پوليو مهم 3 کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي، مهم دوران 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.