ڊمپر جي ٽڪر سبب فوتگيون: سنڌ جي گورنر وارثن کي پلاٽ، ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڊمپرز جي ٽڪرز سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا وڌندا پيا وڃن، گورنر هائوس ۾ اڄ اهي سمورا ماڻهو موجود آهن جن جي گهر وارا ڊمپرز جي ٽڪر سبب فوت ٿيا آهن. هن چيو ته ڪنهن جي به حياتي جو معاوضو پئسا، پلاٽ يا ٻيو ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، جن جا پيارا حادثي ۾ فوت ٿي ويا، انهن جا ڳوڙها نه پيا رڪجن، اڄ مان وڏي ڏک جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ته ڪراچي ۽ سنڌ ۾ قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، روزاني حادثي ۾ ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن.

سنڌ جي گورنر چيو ته مان چيف جسٽس آف پاڪستان جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته انهن منهنجي خط جو نوٽيس ورتو آهي، هاڻ متاثرين کي انصاف ضرور ملندو، هاڻ عدالت قانون تي عمل ڪرائيندي، ڪامران ٽيسوري چيو ته اڄ متاثرين جا ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گهر ڀاتي گورنر هائوس پهتا آهن، الميو اهو آهي ته ٿاڻي وارا متاثرين جي پڪي ايف آءِ آر نه پيا ڪاٽين.

هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.  خبردار ڪريان ٿو ته هن معاملي تي سياست ڇڏي ڏيو، ماڻهن جي جذبات سان نه کيڏيو وڃي، مان ڪنهن کي نه چوندس ته ڪجهه وڪرو ڪريو، وقت آيو ته مدد جي لاءِ مان سڀني کان پهريان پنهنجا بنگلا ۽ گاڏيون وڪرو ڪندس، مان لساني فسادن جي حق ۾ نه آهيان هن ملڪ ۾ اسان ٻاهرين سازشن جو شڪار آهيون، اسان ڪراچي، سنڌ جي ٻين  شهرن کي سازشن جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين.

سنڌ جي گورنر انهي موقعي تي ڊمپرز جي ٽڪر سبب فوت ٿي ويل جي وارثن کي هڪ هڪ پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪندي متاثرين جي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته متاثرين جي ٻارن کي 12 ڪلاس تائين تعليم مان پاڻ مفت ڏياريندس.