بابر، رضوان، شاهين بي ڪيٽيگري ۾ شامل، سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2025-26 لاءِ ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت 30 رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا آهن. ڪارڪردگي جي بنياد تي، 10 رانديگرن کي ڪيٽيگريز بي، سي ۽ ڊي ۾ رکيو ويو آهي. ڪانٽريڪٽ 1 جولاءِ 2025 کان 30 جون 2026 تائين لاڳو هوندا.گذريل سال 27 رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا هئا، جڏهن ته هن سال 12 نوان رانديگر به لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.هن ڀيري 9 رانديگر پنهنجي پوئين ڪيٽيگري برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته 8 رانديگر ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. ڪيٽيگري بي: بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين شاهه آفريدي، فخر زمان، شاداب خان، ابرار احمد، حارث رئوف، حسن علي، صائم ايوب، سلمان علي آغا شامل، ڪيٽيگري سي، عبدالله شفيق، نسيم شاهه، سعود شڪيل، فهيم اشرف، ساجد خان، محمد نواز، محمد حارث، صاحبزاده فرحان، حسن نواز، نعمان علي شامل، ڪيٽيگري ڊي: شان مسعود، حسين طلعت، محمد عباس، محمد وسيم جونيئر، محمد عباس آفريدي، خوشدل شاهه، احمد دانيال، سلمان مرزا، خرم شهزاد، سفيان مقيم شامل آهن، ياد رهي ته گذريل سال بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ڪيٽيگري اي ۾ شامل ڪيو ويو هو.

BabarRizwanShaheen included in category B