هڪ 97 ورهين جي ڊاڪٽر پنهنجي صحتمند ۽ ڊگهي زندگي جي تجربي کي ٻين سان شيئر ڪندي 4 اهڙا بنيادي اصول ٻڌايا آهن، جن تي عمل ڪري هر شخص پنهنجي زندگي کي بهتر ۽ ڊگهو بڻائي سگهي ٿو.
ان ڊاڪٽر جو نالو ته ناهي ٻڌايو ويو پر هن 95 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي صحت ۽ زندگي جي ٻين معاملن بابت تجربا سامهون آڻيندڙ غير منافعي بخش تنظيم “سينيئر ڪيئر“ سان ڳالهائيندي چيو ته اهي اصول نه رڳو نوجوانن پر وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ به فائديمند آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن انسان جسم کي فعال رکي، دماغ کي استعمال ڪري ۽ صحتمند عادتون اختيار ڪري ته ڪراڙپ ۾ به بيمارين کان بچي سگهي ٿو.
سندس ٻڌايل چار اصول هيٺ ڏجن ٿا
گهڻو پاڻي پيئڻ
ڊاڪٽر موجب گهڻو پاڻي پيئڻ سڀ کان اهم عادت آهي، جيڪي ماڻهو پاڻي گهٽ پيئندا آهن، انهن جا گڙدا خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق به ثابت ڪري ٿي ته جيڪي ماڻهو مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئندا آهن، انهن کي گڙدن سان گڏوگڏ دل ۽ ڦڦڙن جون بيماريون گهٽ ٿينديون آهن.
وزن کڻڻ
ڊاڪٽر ٻڌايو ته هو هن عمر ۾ به روز ورزش ڪندو آهي پر هلڪو وزن کڻندو آهي، وزن کڻڻ سان نه رڳو جسم مضبوط ٿيندو آهي پر وڌندڙ عمر ۾ ڪمزوري ۽ هڏن جا مسئلا به گهٽ ٿيندا آهن.
دماغ کي فعال رکڻ
ڊاڪٽر صلاح ڏني ته دماغ کي سست ٿيڻ نه ڏنو وڃي، جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن رڳو ٽي وي ڏسندا رهندا آهن، اهي جلدي ذهني مسئلن جو شڪار ٿي ويندا آهن.
نوان ڪتاب پڙهڻ، ڳجهارتون حل ڪرڻ، راند کيڏڻ يا ڪو نئون هنر سکڻ دماغ کي تيز رکي ٿو ۽ يادداشت کي بهتر بڻائي ٿو.
روز جسم کي حرڪت ڏيڻ
ڊاڪٽر چيو ته حرڪت ئي زندگي جو راز آهي، جيڪڏهن ڪو شخص جسم کي حرڪت نه ڏئي ته بستر ڀيڙو ٿي ويندو، روز جون جسماني سرگرميون جهڙوڪ سائيڪل هلائڻ، هلڪي ورزش شگر ۽ دل جي مرضن کان بچائين ٿيون ۽ زندگي کي وڌائين ٿيون.