اسلام آباد، پشاور ۽ سوات سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

تفصيل موجب زلزلي جا لوڏا جاڙن شهرن اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات، ايبٽ آباد ۽ چترال ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته انهي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش  جابلو سلسلي ۾ هو.

زلزلو صبح 10 لڳي 20 منٽن تي آيو جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي  گهرائي 190 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ دڪانن تان ڪلمي طيبه جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا.

شروعاتي رپورٽن موجب زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.

Earthquakes hit various cities including IslamabadPeshawar and Swat