سنڌي اخبارن ۾ ٻارڙن جا ادبي صفحا بحال ڪيا وڃن،مطالبو

ڪراچي :علمي ادبي شخصيتن ٺھراءُ پاس ڪندي سنڌي اخبارن ۾ ٻارڙن جا ادبي صفحا بحال ڪرڻ ۽ سنڌي ٽي وي چينلن تان ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. علمي ادبي فورم پاران ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ ناليواري اديب ۽ علمي شخصيت جاويد عباسي جي ٻن ڪتابن لومباس جا بونا ۽ ناني سڦوران ۽ برياني جي مھورتي تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي علمي ادبي فورم جي روح روان پروفيسر مشتاق مھر چيو ته شاھ لطيف کان ڇوٽڪاري جون ڳالھيون ڪندڙ ٻڌي ڇڏن ته ھو سنڌي ٻوليء جو محافظ آھي، ھن عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو ھوندي به سنڌيء ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مالڪي ڪئي. ھن چيو ته جاويد عباسي ٻارڙن جو ادب تخليق ڪري شاندار ڪم ڪيو آھي. محمد علي پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تھ اھو وڏو الميو آھي جو ادبي دنيا ۾ اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي لطيف جا انڪاري آھن. ھن چيو تھ جاويد عباسي پنھنجو قلم ٻارڙن لاءِ استعمال ڪري ٻاراڻي ادب کي جياريو آھي. جاويد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جاويد عباسي پنھنجي ڪھاڻين ۾ مُحاوريدار ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي آھي . ڪتاب جي ليکڪ جاويد عباسي خطاب ڪندي چيو تھ ھن ڪھاڻيون لکيون ناھن،پر لکجي ويون آھن, سندس چوڻ ھو ته مون پنھنجي اندر جو ٻار مرڻ ناھي ڏنو، سنڌي اخبارون ٻارڙن جا صفحا ڪڍن ته رضاڪارڻي نموني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.صدارتي خطاب ڪندي آءِ او بي ايم يونيورسٽي جي ريڪٽر ڊاڪٽر طارق رحيم سومري چيو ته اھا رسرچ آھي ته جيڪي ٻار ڪتاب پڙھن ٿا، اھي ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي تيز ھوندا آھن، جاويد عباسي ٻارڙن کي حقيقتيون ٻڌايون آھن، استاد اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ڪتاب پڙھي ٻڌائين . تقريب کي عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، جاويد مھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته نامياري اديب فتاح ملڪ جي وفات تي دعا گھري وئي.

Literary pages for children should be restored in Sindhi newspapers