ڪينالن جي معاملي تي اسان جا مطالبا جمهوري طريقي سان نه مڃيا ويا ته حڪومت ڇڏي ڏينداسين: وڏو وزير

ٺٽو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪينالن جي معاملي تي اسان جا مطالبا جمهوري طريقي سان نه مڃيا ويا ته حڪومت هڪ منٽ ۾ ڇڏي ڏينداسين، اسان وٽ حڪومت ڇڏڻ جو آپشن موجود آهي.

ٺٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  ڪينال سنڌ جي عوام خلاف سازش آهي، پيپلز پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته ڪينالن جو معاملو ايڪنڪ ۾ آيو ته سخت مخالفت ڪنداسين، صرف سنڌو درياءَ اسان جو نه، پنج ئي درياءَ اسان جا آهن، ڪنهن کي به درياءَ تي ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪارڪنن سان رابطا وڌائي رهيا آهيون.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سازش ڪندڙ چون ٿا ته صدر آصف زرداري ڪئنالن واري منصوبي جي منظوري ڏني آهي، ڇا اهي ماڻهو انهي بند ڪمري ۾ سليماني ٽوپي پائي ويٺل هئا؟  هن چيو ته صدر زرداري پارياليمنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چيو ته هو ڪينالن جي حمايت نٿو ڪري.

ياد رهي ته سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف مختلف تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پيپلز پارٽي به سنڌ مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي.

if our demands were not accepted democraticallyOn the issue of canals