ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وزيراعظم وڌيڪ رليف جو اعلان ڪندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪندو.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته چيمپرز جي مسئلن جي خبر آهي، پريشانيون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، واپارين جا جائز مسئلا اوليت جي بنيادن تي حمل ڪنداسين.

هن چيو ته واپارين جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، سيالڪوٽ چيمبر واپارين جي لاءِ ڪاميابي جي مثال آهي، گوجرانوالا ايڪسپو جي سموري دنيا ۾ تعريف ڪئي وئي، صنعت جي ترقي ملڪي ترقي جو سبب آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سبب ڪاروبار ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. 2028 کان پوءِ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو.

هن چيو ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو فائدو عوام کي ملڻ گهرجي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿانهين معمول جو حصو آهي، مرنلز انويسٽمينٽ فورم اسان جي معاشي سمت جي صحيح هجڻ جو ثبوت آهي، هن چيو ته ريڪوڊيڪ منصوبو اسان جو خواب آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستاني شين کي عالمي منڊي تائين پهچ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، سيلري ڪيٽيگري جي فورم کي 150 کان گهٽ ڪري 25 تائين کڻي وڃي رهيا آهيون، سيلري ڪيٽيگري جي ٽيڪس پراسيس ۾ سهولتون آڻي رهيا آهيون.

ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس کي چڱي ريت سمجهان ٿو، اهڙو طبقو جنهن جون ملڪيتون هتي نه هجن انهن کي به ڏکئي ٽيڪس  نظام ۾ ڦاسايو ويو آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وزيراعظم طرفان وڌيڪ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو.