ڪوئٽا جي پشاور کي 80 رنز جي وڏي ليڊ تان شڪست

راولپنڊي: پي ايس ايل جي ٻئي ميچ ۾ ڪوئٽا وارن پشاور کي 80 رنز تان شڪست ڏئي پنهنجي ڪاميابي جو کاتو کولي ورتو. پشاور جي سڄي ٽيم 15.1 اوورن ۾ 136 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ پشاور جو ڪپتان بابر اعظم محمد عامر جي پهرين اوور ۾ ئي زيرو تي رلي روسو هٿان ڪيچ ٿيو ته سڄو ڪرائوڊ جيڪو بابر بابر جي نعرن سان گونجي پيو خاموش ٿي ويو. محمد عامر 2 رنسون ڏنيون، صائم ايوب کيس وڏي شاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه هڻي سگهيو ۽ عامر کيس چيلنج ڪندي هر هر چيڙائيندو رهيو. ٽئين اوور ۾ ڪائل جيميسن 14 رنز ڏنيون جنهن بعد چوٿين اوور ۾ ابرار احمد کي پهرين بال تي حارث چوڪو هنيو ته هن اڳئين بال تي پاڻ ئي ڪيچ ڪري پشاور کي ڌچڪو ڏنو. ساڳئي اوور ۾ ڪيڊ مور کي به زيرو تي ابرارڪائل جيميسن هٿان ڪيچ ڪرائي ڪوئٽا لاءِ بريڪ ٿرو ڪيو. پشاور جا ٽاپ ٿري بيٽر 31 تي آئوٽ ٿي ويا. عثمان طارق ميڪس برائنٽ کي زيرو تي پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو. پنجين اوور ۾ ڪائل جيميسن صائم ايوب کي ايل بي ڊبليو ڪيو پر رويو ۾ هو بچي ويو. ان بعد هن 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 38 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي بالر طرف اسٽريٽ شاٽ کيڏيو ته جيميسن هن کي پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري ورتو. ان کان اڳ حسين طلعت کي عثمان طارق،  فهيم اشرف هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 35 رنسون ٺاهيون. ان بعد الزاري جوزف کي متبادل رانديگر رن آئوٽ ڪيو ۽ سفيان مقيم به هڪ رن ٺاهي ابرار هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو. محمد علي کي ابرار بولڊ ڪري پنهنجو چوٿون شڪار ڪيو. آخري وڪيٽ 16 هين اوور جي پهرين بال تي محمد عامر ورتي جنهن مچل اوون کي مينڊس هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 13 بالن تي 31 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ ڪوئٽا گليڊئيٽرز مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ٺاهيون. رلي روسو 10 بالن تي 21 ۽ ڪسال مينڊس 14 بالن تي 35 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پي ايس ايل جو ٻيو ميچ اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو پيو وڃي. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئٽا جي ڪپتان سعود شڪيل فن ايلن سان اننگ جارحاڻي انداز ۾ شروع ڪئي. پهريون اوور صائم ايوب ڪرايو جنهن ۾ 11 رنز ٺهيون. فن ايلن کيس 2 چوڪا هنيا. ڪوئٽا جي پهرين وڪيٽ 88 تي ڪري جڏهن ففٽي مڪمل ڪندڙ فن ايلن 25 بالن تي 53 رنز ٺاهي سفيان مقيم جي بال تي مچل اوون هٿان ڪيچ ٿيو. هن4 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هنيا. سفيان کي لڳاتار ٽي ڇڪا ۽ هڪ چوڪو به هنيو هو. جنهن بعد جارح مزاج حسن نواز ڪپتان سعود شڪيل جو ساٿ ڏيڻ آيو ، هنن ٻنهي ڪوئٽا جو اسڪور 100 کان پارا ڪرايو. 14 هين اوور ۾ سعود شڪيل به هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد 42 بالن تي 59 رنسون ٺاهي علي رضا جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو پرتيسين ڪوئٽا جو اسڪور 150 کان مٿي ٿي چڪو هو. جنهن بعد حسن نواز 3 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي41 رنسون ٺاهي الزاري جزف جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. رلي روسو ۽ ڪسال مينڊس ڪيريز تي موجود هئا. علي رضا 4 اوورن ۾ 31 ، سفيان39 ۽ جوزف 53 رنسون ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. صائم ايوب 3 اوورن ۾ 26 ۽ حسين طلعت هڪ اوور ۾ 8 رنسون ڏنيون ۽ کين ڪا ڪيڳٽ نه ملي. محمد علي 4 اوورن ۾ 57 رنسون ڏنيون هن کي به ڪا وڪيٽ نه ملي.